راجا بل عرف ابن سومرو

راجا بل عرف ابن سومرو: تاريخ ۾ جنهن راجا بل جو ذڪر آهي، انهيءَ جي دؤر جو يقيني طرح سان تعين نه ٿو ڪري سگھجي، البت ڪجھه تاريخن ۾ هن جي باري ۾ ڇڙوڇڙ مواد موجود آهي، ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ راجا بل کي اسماعيلي داعي سڏيو آهي ۽ ابن سومار وڌيڪ چٽائي ڪندي لکيو آهي ته سندس صحيح نالو بلراج پٽ سومر يا سومار ٿي سگهي ٿو. هي عام سنڌي نالو آهي. معلوم ٿئي ٿو ته بلراج يا راجا بل سومرو، سلطان محمود غزنويءَ (1030ع-1040ع) جو همعصر ٿي گذريو آهي. کيس شيخ پڻ سڏيو ويو آهي، ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو فاطمي مذهبي اصولن سان لاڳاپيل اسماعيلي هو. هن جو تعلق باطني فڪر سان هو، البت لکتن مان اهو واضح نه ٿو ٿئي ته جنهن گروهه کي باغي، جاهل ۽ بزدل سڏيو ويو آهي، سي ملتان جي ڪهڙي فرقي جا ماڻهو آهن. ممڪن آهي ته جن سومرن اسماعيلي فرقي جي قاعدن کي قبول ڪيو هو، انهن لاڙ جي عرب حڪومت تي قبضو ڪري ورتو هجي، جو ان زماني ۾ عرب حڪومت بلڪل ڪمزور ٿي چڪي هئي، جنهن بعد سومرن انتظام سنڀاليو هجي. (تاريخ سنڌ، عرب دور، ايڊيٽنگ: غلام محمد لاکو، ص: 486). ان ماجرا ۾ ابن سومار يا سومري جي باري ۾ تمام گھٽ درست تاريخي معلومات ملي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو